ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب

ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب

ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب

ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب (ڪتاب): هي ڪتاب هند جي نامياري اديب ۽ نقاد، پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ مصنف سنڌي ادب ۾ عملي تنقيد جي حوالي سان 13 مقالا شامل ڪيا آهن، جن مان ڪي اڳ جا لکيل اٿس ته ڪي بنهه ويجهڙائيءَ ۾ سنڌي ادب ۾ آيل نون لاڙن ۽ رجحانن جي پرک ڪن ٿا، جن ۾ هند ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي لکندڙن جي ڪهاڻين، ناولن ۽ شاعريءَ تي تنقيدي نظر وڌي وئي آهي. هن ڪتاب جي ‘مهاڳ جو اڳ’ مصنف پاڻ لکيو آهي، جڏهن ته ان جو مهاڳ ‘نئين تنقيد لاءِ اتساهه’ جي عنوان سان ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل آهي. ان کانپوءِ تاج جويي طرفان ‘تنقيد جي تخت تي براجمان هيرو’ جي عنوان سان پيش لفظ شامل ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو پبلشر موهن مدهوش آهي، جنهن پنهنجي اداري طرفان ڪتاب ۽ ليکڪ جو تعارف ڏنو آهي. 216 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو